سيد مير علي سنڌي

سيد مير علي سنڌي: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏاڏن مان ٻارهين نمبر تي سيد ميرعلي شاهه ولد سيد حيدر شاهه هو. سيد مير علي پنهنجي والد حيدر شاهه جي اڳين پٽن کان هرات مان پنهنجو حصو وٺي، پنهنجي چاچي شرف الدين کي ساڻ ڪري سنڌ موٽي آيو. هن هتي اچي هڪ هالا ذات مان ۽ ٻي ترڪن مان ٻه شاديون ڪيون. پهرين زال مان کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو شرف الدين ۽ ٻي زال مان به هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو احمد شاهه رکيائين. سيد شرف الدين جي اولاد کي ’شرف پوٽا‘ ۽ سيد احمد شاهه جي اولاد کي ’ميرڻ پوٽا‘ سڏجي ٿو. مٽيارين ۾ هنن ٻنهي پاڙن وارا سيد اڄ تائين موجود آهن. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شرف الدين جي چوٿين پيڙهيءَ مان هو، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو